سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا ويجھو معمولي ڳالھه تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد گھرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪلرائي کوسا ۾ جمالي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان پيدا ٿيل جهيڙو ھڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي پيو. بندوق جا فائر لڳڻ سبب 25 ورھين جو نوجوان مير حسن ولد محمد نواز کوسو سخت زخمي ٿي پيو. جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو ڌرين جي وچ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جي خدشي سب سنڌي ٻٽڙا ۽ راڌڻ پوليس پاران ڳوٺ کلرائي کوسا ۾ پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي آهي ۽ جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران جمالي ڌر جا ٻه ڄڻا نظير، ۽ غلام قادر جمالي فائر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته زخمي لاڙڪاڻي اسپتال علاج هيٺ آهن. آخري اطلاعن تائين مارجي ويل نوجوان جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.