سرحد: مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ناري جو لاش هٿ نه اچي سگهيو

0
199

سرحد (رپورٽر) گذريل ڏينهن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ناري اميدان سندراڻي جو لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي، گذريل ڏينهن ناري اميدان سندراڻي کي ڀاءُ مولابخش سندراڻي قتل ڪيو هو، ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد لاش مبينه طور سنڌو درياهه ۾ لوڙهيو ويو هو، آندل سندراڻي پوليس ناري جو قتل ڪيس به داخل نه ڪيو ۽ نه ئي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪو قدم کنيو آهي، ذريعن موجب، آندل سندراڻي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي ناري اميدان جو خون لوڙهڻ جون ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آهي.