هاري جي غلطي: فرانس ۽ بيلجيم جون سرحدون تبديل ٿيڻ جو انڪشاف

0
469

برسلز/پيرس(دلچسپ نيوز) هاري جي غلطي سبب فرانس ۽ بيلجيم جون سرحدون تبديل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بيلجيم جي ڳوٺ ارڪيولينز جي هاري ٽريڪٽر جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سرحدي پٿرهٽائي ٻئي هنڌ رکي ڇڏيو. سرحدي پٿر هٽڻ سان بيلجيم جي ايراضي ۾ ساڍا 7 فوٽ واڌ ٿي وئي، تاريخ جي هڪ ماهر جي انڪشاف بعد ٿرٿلو مچي ويو. ماهر ان حوالي سان آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اهو پٿر 1819 ۾ بيلجيم ۽ فرانس جي باضابطا سرحدي حد بندي کان هڪ سال اڳ ئي رکيو ويو هو. ٻئي طرف يورپي ميڊيا موجب سرحدون تبديل ٿيڻ باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪابه ڇڪتاڻ پيدا نه ٿي آهي جڏهن ته بيلجيم جي حڪومت پنهنجي هاري کي پٿر واپس رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هاري پٿر واپس نه رکيو ته ٻنهي ملڪن جي سرحدي ڪميشن جو ٻيو اجلاس جلد سڏايو ويندو ته جيئن ماضي وانگر سرحدون بحال ڪرڻ جو منصوبو جوڙي سگهجي.