جاتي ويجھو زمين جي مالڪي تان مامن ۽ ڀائيڻجن ۾ جھيڙو،11ڄڻا زخمي

0
457

جاتي (رپورٽر) جاتي شھر ويجھو درگاھه ڍولو پير ڀرسان ڳوٺ بچايو ملاح ۾ زمين جي مالڪي تان مامن ڀائيڻجن ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، 9زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري ٺٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ سومار، گل محمد، حنيف، الھبچايو،رمضان، آچار، حاجي، ڀيئڏنو، قادر، محمد علي ۽ نواز ملاح شامل آهن.