برازيل ۾ چمڪدار هيڊو ۽ زهريلو ڏيڏر دريافت

0
502

سائو پولو(دلچسپ نيوز) برازيل ۾ چمڪدار هيڊو ۽ زهريلو ڏيڏر دريافت ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سائنسدانن اهو انوکو ڏيڏر سائوپولو جي جهنگ مان هٿ ڪيو آهي. آڱرکان به ننڍي ان ڏيڏرجوتعلق براڪيائي سيفالس نسل سان ظاهر ڪيو پيو وڃي. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ڏيڏر جو اهو نسل رڳو سائو پولو جي ان جهنگ جي 1700 ڪلوميٽر علائقي ۾ ئي موجود آهي جڏهن ته سائنسدانن ڏيڏر کي براڪيائي سيفالس روٽنبرگائي جو نالو ڏنو آهي. هيڊي رنگ سبب ڏيڏر کي هيڊن ۽ پسيل پنن ۾ لڪڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ان حوالي سان سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڏيڏر پاڻ کي خطرو ڏسي وڏا وڏا آواز ڪڍندو آهي جڏهن ته حملي آور ويجهو اچڻ تي ڏيڏر پنهنجو زهر ان مٿان اڇلائي ڇڏيندو آهي جنهن سبب زهر لڳڻ سان ماڻهو ٽن منٽن ۾ فوت ئي حياتي وڃائي ڇڏيندو.