ڪراچي(شوبز نيوز) شوبز ستارا پنهنجي مداحن طرفان ملندڙ پيار جي ڪري سوشل ميڊيا جي رونق بڻبا رهندا آهن. مختلف هاڪاري بيانن ۽ ٽيلينٽ جي ڪري ڪيتريون ئي اداڪارائون شوسل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي راڄ ڪنديون آهن. اهڙي ئي حوالي سان لڪس ايوارڊز جي سلسلي ۾ بهترين اداڪاري جي لاءِ نامزدگيون سامهون اچڻ کانپوءِ سجل علي سوشل ميڊيا تي تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا وارن سجل علي کي تاثرن جي راڻي جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي. الف جي اداڪارا کي مداحن طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گهڻو پيار ملي رهيو آهي ۽ اهي انهن جي ڪاميابي لاءِ به پراميد آهن. هن لاءِ لکيو ويو ته ”توهان سجل علي ۽ احد رضا مير جي لاءِ ووٽ ڪندا رهو“.