لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور سينئر اداڪار قوي خان کي هالي وووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي جيڪا هن قبول ڪري ورتي آهي ۽ هو فلم فاربڊن اسٽيپس ۾ ڪم ڪندو. هو ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. اها فلم اولهه جي ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان ڪميونٽي تي ٺاهي پئي وڃي ته اهي انهن ملڪن ۾ ڪهڙين مشڪلاتن کي مهن ڏيندا آهن. قوي خان ٻڌايو ته فلم ۾ منهنجو ڪردار اهڙي شخص جو آهي جنهن جو نالو جي سرڪار آهي ۽ اهو مضبوط اسلامي عقيدو رکندڙ آهي ۽ ڪنهن به ريت پنهنجي نوجوان نسل ۾ امن قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي.