پريانڪا چوپڙا زخمي، تصوير وائرل، پرستارن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو

0
438

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پهرئين جوڙ جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي تازين تصويرن مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو. پريانڪا چوپڙا آمريڪي سنگر نڪ جوناس جي شادي کانپوءِ گهڻي قدر ملڪ کان ٻاهر ئي رهندي آهي ۽ هوءَ بالي ووڊ جي ڀيٽ ۾ هالي ووڊ پراجيڪٽن کي ترجيح ڏيندي آهي. 39ورهين جي پريانڪا چوپڙا هن وقت به آمريڪي ٽيلي ويزن سيريز ”سيٽاڊِل“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ ان ئي منظر تي آيل سندس تازين تصويرن مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو. تازين تصويرن ۾ اداڪارا زخمي نظر اچي رهي آهي، تصويرن ۾ پريانڪا جي مُنهن تي زخمن کي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. اهڙي تصويرون پريانڪا چوپڙا پاڻ انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جن ۾ سندس ڳَل ۽ نِرڙ تي رت جا نشان ڏسي سگهجن ٿا. اداڪارا پنهنجي مداحن کان پڇيو ته انهن مان ڪهڙو زخم اصلي ۽ ڪهڙو نقلي آهي؟ پريانڪا اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ مداح جو جواب شيئر ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته نرڙ تي موجود زخم نقلي، جڏهن ته ڳَل وارو اصلي آهي. هن مداح جي غلط فهمي ختم ڪندي واضح ڪيو ته ڀرون ۾ موجود ڪَٽ اصلي آهي، جڏهن ته ڳَل جو زخم رڳو پروگرام جي عڪسبندي لاءِ ڪيو ويو هو.