سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو جي برسات متاثرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان راشن ٽينٽ ڏيڻ وارو عمل ختم ٿيڻ تي هزارين غريب برسات متاثر اي سي آفيس ۽ يوسي چيئرمين جي درن تي وڃي نهاري نهاري ٿڪي پيا آهن،  متاثر بک ۽ بدحالي سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان متاثر پنهل لنجواڻي حسن لنجواڻي نيڪ محمد ڀٽي شمن ڀٽي محب علي بروهي خالد سومرو عبدالنبي مغيري ذوالفقار بروهي ڀورل مستوئي ميانداد جت  ۽ ٻين چيو ته سرڪاري طرفان ملندڙ راشن به بند ڪيو ويو آهي، ٻارن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون،
هوڏانهن روينيو آفيس جي ڪلارڪ نثار احمد ڀٽي ٻڌايو ته راشن گدام ۾ ختم ٿي ويو آهي، مٿان راشن ايندو ته متاثرن کي ڏينداسون.