جوهي (ن پ ا) جوهي جي آس پاس ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، جنهن ڪري زرعي زمينن ۾ ٻوڏ جو پاڻي هجڻ ڪري آبادگار چيٽ فصل پوکڻ لاء پريشان آهن. چنجاڻي شاخ جي مقامي آبادگارن مرتضيٰ لغاري، غلام مصطفي جمالي، خادم رستماڻي ۽ ٻين چندو ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت لفٽ مشين لڳائي پنهنجي زرعي زمينن تان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو آھي ان موقعي تي آبادگارن پنهنجي اخبار سان دانهيندي چيو ته ٻوڏ کي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود سرڪار طرفان پاڻي نيڪال لاء ڪو به اپاء نه ورتو ويو آھي جنهن سبب زرعي زمينن ۾ هڪ کان ٻه فوٽ پاڻي موجود آھي، هنن چيو ته اسين چند آبادگار پاڻ ۾ ملي چندو ڪري لفٽ مشين لڳائي زرعي زمينن تان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو آھي ته چيٽ جو پوک ڪري سگهون، هنن چيو ته چيٽ جو فصل نه ٿيو ته آبادگار، بک ۽ بدحالي جو ور چڙھي ويندا هنن سنڌ سرڪار سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته جوهي تعلقي جي آس پاس ڳوٺن ۽ زرعي زمينن ۾ بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي جيئن اسين جوهي واسي چيٽ جو فصل پوکي سگهون.