ٺٽو ( رپورٽر ) ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ملازمن پاران واڌي پگھار توڙي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت ٻين مراعتن نه ملڻ خلاف 9 هين ڏينهن به ميوسنپل آفيس جي گيٽ آڏو شروع ڪيل احتجاجي علامتي هڙتال واري سلسلي کي جاري رکيو ويو آهي جڏهن ته شهر جي صفائي ۽ ٻئي آفيس جي ڪم کي مڪمل طور تي بند ڪري هڙتال تي ويٺل ملازم اڳواڻن عنايت شاھ ، فياض مسيع ، حنيف ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ هو گذريل 9 ڏينهن کان شهر جي صفائي توڙي آفيس واري ڪم کي مڪمل بند ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن پر ساڻن هن مهل تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي انتظاميه جي ذميوار عملدار اچي مطالبن جي حل جي خاطري ڪرائي آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين سندن جائز مطالبا نٿا مڃيا وڃن تيستائين سندن ڪم ڇڏ احتجاجي هڙتال جاري رهندي هوڏانهن ٺٽي شهر ۽ ميونسپل ڪميٽي جي 9 ئي وارڊن جي مڙني گھٽين توڙي روڊ رستن تي صفائي نه ٿيڻ ڪري نه رڳو گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن. ڊاڪٽر گلي، شاھ ڪمال روڊ سوڌو شهري پاڙن ۽ شاهي بازار جي مختلف چوڪن تي پڻ گٽرن جي ڪني پاڻي بيهي ويو آهي، شهرين خاص ڪري اسڪول ويندڙ اسڪولي شاگردن جي پريشانين ۾سخت اضافو آڻي ڇڏيو آهي.