سال کان چونڊ سڌارن تي ڳالھين جي دعوت ڏيان پيو پر اپوزيشن وارا ٻڌن ئي نٿا: وزيراعظم عمران خان

0
223

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ هڪ سال کان چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏئي رهيو آهيان، پر اپوزيشن وارا ٻڌن ئي ڪونه ٿا، اپوزيشن مان ڪير به چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ نٿو اچي، تراڙ کل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙو چونڊ نظام چاهيون ٿا جو هارائڻ وارو به نتيجن کي تسليم ڪري، ڳالهين کان انڪار ڪندڙ اپوزيشن چونڊون ويجهو اينديون آهن ته ڌانڌلي جا الزام هڻندي آهي، نواز ليگ هاڻي کان الزام هڻي رهي آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي، آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي حڪومت آهي، ڌانڌلي جا الزام وري اسان تي هنيا وڃن ٿا، نواز ليگ اڄ تائين ڪوبه ڪم ايمانداري سان ناهي ڪيو.