ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سيڪريٽري زڪوات کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب زڪوات کاتي جي سيڪريٽري جاويد مهر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ياسين شر کي سيڪريٽري زڪوات مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي شيرين مصطفيٰ کي سوشل ويلفيئر کاتي جي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. دادو جو ڊي اي او قادر لاشاري 10 آڪٽوبر تي رٽائرڊ ٿي ويندو،  سندس رٽائرمينٽ بعد محمد حسن شاھ کي ڊي اي او دادو جي اضافي چارج ڏني ويندي.  ٻئي پاسي مڪاني ادارن واري کاتي ڊي ايم سي ڪياماڙي مان 19هين گريڊ جي ڪمشنر اسلم قاضي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 18هين گريڊ جي آفيسر بابر علي کي ڊي ايم سي ڪياماڙي جو ڪمشنر مقرر ڪيو آهي.