ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس غير قانوني طريقي سان ڪراچي پهتل افغانين کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض غير قانوني افغانين کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي اوڀر کي خط لکيو، خط ۾ سفارش ڪئي وئي ته روزاني جي بنيادن تي ڪيترائي افغاني شهري ڪراچي پهچي رهيا آهن، جيڪي غير قانوني سرگرمين ۽ ڏوهن ۾ به ملوث آهن، افغاني شهري ملڪ دشمن سرگرمين، اسٽريٽ ڪرائيم، منشيات فروشي، لينڊ گريبنگ سوڌو ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آهن، ڪجهه وقت اڳ انهن ماڻهن هجوم جي صورت ۾ سپر هاءِ وي کي بلاڪ ڪري سرڪاري گاڏين سوڌو پرائيويٽ پراپرٽي کي نقصان پهچايو هو، ماضي ۾ به غير قانوني طور ترسيل افغاني شهرين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو هو، هاڻي به ايئن ڪرڻ جي ضرورت آهي، اعليٰ اختيارين کي درخواست ڪجي ٿي ته غير قانوني ڪمن ۾ ملوث افغاني شهرين کي سندن ملڪ موڪلڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، هوڏانهن ڪياماڙي ضلعي جي موچڪو پوليس ڪارروائي دوران 7 افغانين کي گرفتار ڪري فارنرز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي