لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ڪڻڪ جي امدادي اگهه جي اعلان بعد اٽو وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، ملز مالڪن 15 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 100 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، مارڪيٽ ۾ سرڪاري اٽي جو بحران به شدت اختيار ڪري ويو، هڪ هفتي ۾ 15 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 250 رپين جي اضافي بعد 1300 مان 1550 ٿي وئي، پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 50 رپيا اضافو ڪيو ويو، هڪ هفتي ۾ ساڍا 350 رپيا واڌ ٿي چڪي، ڪراچي ۾ اڍائي نمبر اٽي جي قيمت 110 کان 120 رپيا ڪلو ٿي وئي، فائن ۽ چڪي جو اٽو 125 رپيا ڪلو تي پهچي ويو، اتنظاميه قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا.