جهڏو (ن پ ا) زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيو، جهڏو ۾ آبادگارن ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين جو مين ھاءِ وي تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، خبر موجب جهڏو ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين پاران زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه هڻڻ خلاف مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اياز کوسو، اشفاق لغاري، محب ڀيل، قادر ڀنڀرو، نياز کوسو ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ تي قبضا ٿيل آهن جنهن سبب پنجن ضلعن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي ۽ لکين ماڻهن جي آبادي ٻڏي تباهه ٿي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي جو قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ڪٽ ڏئي عوام کي وڌيڪ ٻڏڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.