سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو ۾ شهدادڪوٽ رتوديرو نيشنل هاءِ وي روڊ ڳچل پل کان ڌنڱ پوليس چوڪي 20 ڪلو ميٽرن ۾ متاثر بنا ٽينٽ جي کٽون ۽ ٻاچڪن جا پال ٺاهي نٽڻ اس ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ڪجهه متاثر اسڪولن ۾ ويٺل آهن. متاثر گدا شاھ، مري ٽانوري، الاهي بخش، صفر ٻگهيو، عباس ڀٽي جو چوڻ هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر راشن ۽ ٽينٽ پ پ جي بااثر ماڻهن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي. هوڏانهن سجاول جوڻيجو جي وائيس چيئرمين شاهنواز ڀٽي ٻڌايو ته اسان کي راشن جا بيگ کليل مليا آهن، جيڪو اسان متاثرن ۾ ورهائي ڇڏيا آهن. هوڏانهن سجاول جوڻيجو اسسٽنٽ ڪمشنر نويد مير محمد کوکر توڙي ڊي سي قمبر عابد علي شيخ سان ميڊيا پاران کليل ڪٽن بابت موقف وٺڻ لاءِ بار بار فون ڪئي پر ٻنهي آفيسرن فون کڻڻ جي زحمت نه ڪئي.