واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ، اسٽاف ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين وقار مستوئي، رمضان رستماڻي ،طالب فقير جي اڳوڻي اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو جوهي تعلقي سميت ڪاڇي ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي گيسٽرو، ڊائريا، مليريا سميت ٻين جا سوين مريض آهن روڊ رستا بند آهن مريض ڪيڏانهن وڃي نٿا سگهن مٿان وري پي پي ايڇ آء جي نااهلي سبب ڪاڇي جي مرڪزي شهر واهي پانڌي جي اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر مقرر ناهي دوائن به نه هجڻ ڪري ڪي اين شاهه ۽ جوهي کان  آيل ٻوڏ متاثر سميت ڪاڇي واسي سخت عذاب ۾ ورتل آهن مريض دربدر آهن هنن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڊاڪٽر ٻيو عملو مقرر ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو