ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوتي عورتن جي نالي تي لکين روپيا ڪڍرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . ٽنڊو محمد خان شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي ڳوٺ حسين خان لغاري جو رهواسي شيراز علي قمبراڻي ، ٻن ڊوائز هولڊرن ارسلان قمبراڻي ، رائو طفيل مٿان فراڊ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي . جنهن ۾ قلم 154 ، پي پي سي 406 ، 468 ، 419 ، 420 ، 506 ، 504 ، 34 تحت قلم لڳايا ويا آهن . بي سيڪشن پوليس شهر جي بهراڻي پاڙي مان ارسلان قمبراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي . جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار رائو طفيل جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي . ٻي پاسي گرفتار جوابدار ارسلان قمبراڻي کي ڪورٽ سڳوري ۾ پوليس پيش ڪري 14 ڏينهن جو ريمانڊ وٺي ڇڏيو آهي . بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او فهيم فتح جو چوڻ آهي ته هائي پروفائل ڪيس هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي ٻي جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽيون مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيون آهن . جلد ڪيس ۾ گهربل ٻيو جوابدار رائو طفيل گرفتار ڪيو ويندو .