لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ يونيسيف ۽ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان متاثر ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ عارضي تعليمي مرڪز اسڪول کوليو ويو آهي، جتي 700 کان وڌيڪ ٻارن کي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. مختلف اسڪولن جا استاد ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڪتاب، بڪ، پينسلون ۽ ٻيو سامان پڻ ورهايو ويو.