انقرا(م ڊ) ترڪ صدر مُلڪ ۾ زلزلي جي تباهڪارين باوجود چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترڪ صدر سان حڪمران جماعت جي پارليامنٽ ميمبرن ملاقات ڪئي، ان موقعي تي رجب طيب اردگان چيو ته حڪومت زلزلي جو جواز ڄاڻائي صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ بابت نه پئي سوچي. ترڪ صدر اعلان ڪندي چيو ته چونڊن لاءِ تجويز ڪيل 14 مئي جي تاريخ حتمي آهي ۽ زلزلي باوجود چونڊون وقت سر ٿينديون.