اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي سڄي ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪندي 2 رپيا 23 پيسا سرچارج جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي، ان کان اڳ يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم پيڪيج تحت وڪرو ٿيندڙ گيهه جي قيمت ۾ 115 رپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊي واري گيهه جي قيمت 375 رپين مان وڌي 490 ڪئي وئي آهي.