لاهور(م ڊ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ موجود آهي جٿي ڏکڻ پنجاب جي اهم سياسي شخصيتن پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان بلاول هائوس لاهور ۾ ڏکڻ پنجاب جي سياسي اڳواڻن  رسول بخش جتوئي، قطب فريد، شمشير مزاري، قائم علي شمسي ۽ ٻين ملاقات ڪئي ۽  پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي آصف زرداري پاران پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي آجيان ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پ پ کي خيبر پختونخواهه مان وڏي ڪاميابي ملي وئي، اڳوڻي ايم اين اي جواد حسين جا پ پ سان معاملا طئي ٿي ويا. جلد پ پ ۾ شموليت جو باضابطا طور اعلان ڪندو. جواد حسين جو واسطو اورڪزئي ضلعي سان آهي، هو اين اي 47 اورڪزئي مان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو هو. هو 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو هو.