اسلام آباد (م ڊ) وفاقي شرعي عدالت جي نئين چيف جسٽس اقبال حميد الرحمان جي خميس پهرين جون جي صبح ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ترين ججن جو هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ ان جي استعيفيٰ کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس بڻجندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آمهون سامهون ٿيڻ باوجود هڪٻئي سان نه ڳالهايو ۽ نه ئي هٿ ملايو. وڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ شخص سان ڳالهائي رهيو آهي ڀرسان ايندڙ چيف جسٽس اتي موجود ماڻهو جي ڪلهي تي هٿ رکي هن سان ڀاڪر پائي هٿ ملائي ٿو ۽ جيئن ئي پنهنجو رُخ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڳالهائيندڙ ڏانهن ڪري کيس ڀاڪر پائي ٿو ته جسٽس عيسيٰ کي هڪ عورت پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ساٿي سان ملرائي ٿي جنهن بعد چيف جسٽس اڳتي وڌي وڃي ٿو. ميڊيا رپورٽن موجب اقبال حميد الرحمان جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٻنهي ججن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٿي، نه ئي وري اهي سڌي ريت آمهون سامهون ٿيا.