ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت، سنڌو جي اڏجندڙ گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پُل تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي سيڪيورٽي لاءِ ڊي آءِ جيز کي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ مختلف منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، چيف سيڪريٽري ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ملير ندي ۾ ملبو ( ڪچرو )اڇلائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پُل جي روڊ وٽ قبضا ٿي رهيا آهن، جنهن تي چيف سيڪريٽري ڊي آءِ  جي لاڙڪاڻي کي هدايت ڪئي ته جلد قبضا ختم ڪرايا وڃن.