اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين خلاف پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ سندس حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جج محمد اعظم خان جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، نيب جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪجهه اهڙا دستاويز جيڪي رهجي ويا آهن انهن کي ريفرنس جو حصو بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته آصف زرداري جي وڪيل دستاويز کي ريفرنس جو حصو بڻائڻ جي مخالفت ڪئي، نيب جو گواهه احسن اسلم بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت نه پهچي سگهيو، جنهن سبب عدالت ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ساڳئي عدالت پنڪ ريزيڊنسي ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشا خانا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ٽنهي جوابدارن جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.