نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي مخالف ڌر جي پارٽين حڪومت کان سياسي اڳواڻن ۽ صحافين جي جاسوسي ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته پارليامينٽ ۾ به سخت احتجاج ڪيو ويو آهي. ڀارت جي مخالف ڌر جي پارٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جاسوسي واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ان جي ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي. ٻئي طرف حڪومت ان معاملي ۾ ثبوت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.