اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي طبيعت ۾ خرابي جي خبرن بعد سپريم ڪورٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ بعد لاڳيتو ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهي، سندس طبيعت مستحڪم آهي. ذريعن موجب جسٽس فائز جي گهرواري سرينا جي ڪورونا ٽيسٽ به پازيٽو آئي آهي، جنهن بعد هو پنهنجي گھر ۾ ئي آئسوليٽ ٿي ويا آهن. کين ڊيلٽا ويرينٽ جي تصديق ٿي آهي. جسٽس فائز ۽ سندس گهرواري جي حالت ڳڻتي هجڻ جون خبرون درست نه آهن ۽ نه ئي هو اسپتال ۾ داخل آهن.