لاهور(م ڊ) ڇا مڙس پنهنجي زال جي سڳي ڀاڻيجي سان شادي ڪري سگهي ٿو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انوکو ڪيس سامهون اچي ويو. ٻي زال جي بازيابي جي ڪيس ۾ جسٽس انوار الحق پنون جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار مشتاق احمد جي پهرين گهرواري 4 ٻارن سميت پهچي وئي. پهرين زال چيو ته مشتاق احمد مون کي طلاق ناهي ڏني ۽ منهنجي ڀاڻيجي سان زبردستي ٻي شادي ڪري ڇڏي. عدالت مشتاق احمد جي درخواست رد ڪندي مٿس 35 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻي زال مڙس سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪير کوهه ۾ ٽپو ڏئي ته ڇا عدالت اجازت ڏئي ڇڏي؟ عدالت ٻي زال کي والدين سان گڏ موڪلي ڇڏيو، اوڪاڙا واسي مشتاق احمد ٻي زال جي ساهرن کان بازيابي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.