نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي فوج جي آفيسر دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي حڪومت حڪم ڏئي ته پاڪستان جي ڪنٽرول واري ڪشمير تي قبضو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڀارت فوج جي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل اپيندرا دويدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان پاڪستان کان پاڪستان جي ڪنٽرول وارو ڪشمير واپس حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، اسان کي حڪومت جي حڪم جو انتظار آهي. هن چيو ته اسان جي بچاءُ واري وزير پاڪستان جي ڪنٽرول واري ڄمون ۽ ڪشمير بابت بيان ڏنو هو ان معاملي تي پارليامنٽ جون قراردادون اڳ ۾ ئي موجود آهن، ان ۾ ڪا به نئين ڳالهه ناهي، جيستائين ڀارتي فوج جو تعلق آهي ته فوج ان لاءِ مڪمل طور تيار آهي، جڏهن به حڪومت اهڙا حڪم ڏيندي اسان ان تي عمل لاءِ تيار هونداسين. ان تي تبصرو ڪندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته ائين ننڊ ۾ به نه سوچجو اسان کي ڀارت کي ختم ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي.