عادلپور (ن پ ا) عادلپور لڳ ڳوٺ ڀورڙا ڪلوڙ جو رھواسي واپاري پراسرار طور گم، وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي. واپاري اسلم ڪلوڙ جي ماءُ مسمات ملوڪان ڪلوڙ ۽ ٻين  ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس پٽ اسلم ڪلوڙ پنهنجي گهر واريءَ سان چنگلاڻي کان ڳوٺ طرف ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويو. گهر نه پهچڻ تي عادلپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي، پر عادلپور پوليس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود اسلم ڪلوڙ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. هن ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو کي اپيل ڪئي ته سندس نوجوان پٽ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي عادلپور ٿاڻي جي منشي يار محمد ابڙي ٻڌايو ته اين سي داخل ڪئي وئي آهي، نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.