رڳو11 ايم اين ايز جون استعيفائون ڇو منظور ڪيون؟ پي ٽي آءِ طرفان اسپيڪر جو فيصلو عدالت ۾ چيلينج

0
198
رڳو11 ايم اين ايز جون

تحريڪ انصاف رڳو 11 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 11 اپريل تي پي ٽي آءِ جي 125 ميمبرز استعيفائون ڏنيون هيون

پي ٽي آءِ موجب اسپيڪر رڳو 11 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون ۽ اليڪشن ڪميشن کين ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هاڻي سياسي ڌر ۽ پي ڊي ايم جو حصو بڻجي وئي آهي

تحريڪ انصاف استدعا ڪئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي استعيفا ڏيندڙ 125 ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو حڪم ڏئي