سکر سينٽرل جيل جي قيدي انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: وڊيو وائرل

0
148
سکر سينٽرل جيل جي قيدي

خيرپور جي عدالت ۾ حاضري تي آيل قيدي جي سنيٽرل جيل سکر انتظاميه خلاف دانهڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

قيدي بخت ڄامڙو وائرل ٿيل وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته جيل سپرنٽنڊنٽ اشفاق ڪلوڙ، جيلر آصف ڪورائي ۽ اهلڪار قيدن سان ناروا سلوڪ ڪن ٿا

بخت ڄامڙو الزام هنيو ته جيل اندر رشوت جي بازار گرم آھي، رشوت نه ڏيڻ تي  قيدين مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو

قيدي جو الزام هنيو ته جيل اندر سهولتن جا ريٽ مقرر آھن، حاضري تي ايندڙ قيدين کان فرمائشن تي سامان گهرايو ويندو آهي

قيدي دانهيو ته جيل انتظاميا فرمائش پوري نه ڪرڻ تي جميل مهر  سميت ڪيترن ئي قيدين کي بند وارڊ ڪري ڇڏيو آهي

ان حوالي سان جيل انتظامطيا سان رابطو ڪيو ويو پر موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي