رپڙي (ن پ ا ) پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مسلسل دانھڻ کانپوءِ آبپاشي عملو جاڳي پيو، ايس ڊي او ايريگيشن ڪنگري محمد بچل ڪانھر ۽ انجنيئر خيرپور امجد جتوئي جي ٽيم جي اڳواڻي ۾ ھميرجي شاخ ۾ پاڻي چوري لاءِ لڳل غير قانوني 100 کان وڌيڪ لوليون، ڪرين مشين ذريعي پٽيون ويون آهن، ان ڏس ۾ آبپاشي عملدارن جو چوڻ هو ته اعليٰ عملدارن جي حڪم تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ننڍي زميندار کان ويندي بااثر تائين ڪير به پاڻي چوري ڪندو ھجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ پڇڙي تائين پاڻيءَ جي رسائي کي يقيني بڻايو ويندو.