حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ جوهي جي ڳوٺاڻن سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ ڪوريجا برادري پاران جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ سردار شعيب خان ڪوريجو تي هٿياربندن پاران حملو ڪري قتل ڪيل نوجوان وقار ڪوريجو واري واقعي خلاف مظاهرو ڪيو ويو. قادربخش ڪوريجو، حاجي سلطان ڪوريجو، وقار الله ڪوريجو ۽ ٻين چيو ته 2 مئي تي مارفاڻي برادري جي هٿياربندن جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ سردار احمد ڪوريجو تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ وقار احمد ڪوريجو قتل ٿي ويو. مارفاڻي برادري کي پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن سبب پوليس واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. جوهي جي ڳوٺ طالباڻي جي رهواسي محمد علي لنڊ ۽ ٻين نينگري جي اغوا خلاف مظاهرو ڪيو، 17 ورهين جي نياڻي رخسانه جي ڀاءُ محمد علي الزام هڻندي چيو ته 11 مارچ تي گهر ايندي رستي تان بااثر قادر، واحد، رحم علي، حميد، حبيب ۽ ٻين سندس ڀيڻ سميت مبينا طور اغوا ڪيو ۽ بعد ۾ کيس رستي تي ڦٽو ڪري ڀيڻ رخسانا کي اغوا ڪري ويا. انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن جي صوبائي اڳواڻ عقيل احمد قريشي سنڌ هاءِ وي ورڪرز يونين جي چيئرمين علي محمد لغاري، نديم اختر سومرو، غلام مصطفي شينو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ايريگيشن کاتي ۾ مقرر اڪائونٽنٽ شاهنواز جتوئي رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي. پگهارن جي بلن سميت مختلف بلن تي 5 کان 8 پرسنٽ ڪميشن پنهنجو حق سمجهي وصول ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه بلن تي 15 کان 20 سيڪڙو ڪميشن وصول ڪري ٿو. ان خلاف نيب ذريعي جانچ ڪرائي وڃي.