گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي جي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽر مقرر نه ٿيو، 18 ڏينهن کان او پي ڊي بند، غريب ماڻھو علاج کان محروم، ضلعي انتظاميا نوٽيس نه ورتو. گپچاڻي ۾ قائم بنيادي صحت مرڪز ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر نه هئڻ ڪري او پي ڊي مسلسل 18 ڏينهن کان پڻ بند پيل آھي. او پي ڊي بند هجڻ ڪري روزانو ڪيترائي مريض بنا علاج جي واپس وڃن ٿا. جڏهن ته ڊي ايچ او شھيد بينظيرآباد مامري جو نوٽيس نه ورتو، شهرين تڪ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽرعذرا فضل پيچوهو کان مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو وڃي.