رپڙي (ن پ ا) رپڙي ۽ ڀرپاسي بھارو ٿاڻي جي حد ۾ بد امني وڌي وئي، چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل، ايس ايس پي جا حڪم نظرانداز، ھڪ ھفتي اندر 13 وارداتون، پوليس خاموشي تماشائي بڻيل. رپورٽ موجب بھارو ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ ھفتي اندر چوري ۽ ڦر جي 13 وارداتن باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻجي ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گذريل رات نامعلوم چور نعمت رانجهو جون 4 ٻڪريون چوري ڪري ويا، ان کان اڳ نعيم ۽ آفتاب شيخ کان 72 ھزار رپيا روڪ رقم ڪئي وئي، زمان شيخ جي گاڏي، سرفراز ڀٽي جي موٽر سائيڪل، سرفراز ڪلھوڙو جي ڏيڍ لک ماليت جي ڪمند جي پيڙھائيء واري مشين، تھذيب آريجو جي ڪيلن سان ڀريل گاڏي، حميد آريجو جي سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي. ان کان علاوه رپڙي شھر مان ڊي ايس پي آفيس ڀرسان عصمت پنھور جي موبائيل جي دڪان کي کاٽ ھڻي هڪ لک ماليت جي چوري ڪئي وئي، رپڙي گرلز اسڪول ڀرسان سولر پليٽون، پکا ۽ پاڻي واري موٽر چورائجي وئي. بھارو جي نجي ماڊل اسڪول مان سولر پليٽون، پاڻي واري موٽر ۽ پکا، چوري ٿي ويا، ان جي باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيو ۽ نه وري ڪا چوري واپس ٿي. ايس ايس پي پاران ٽن ڏينهن ۾ چوريون واپس ڪرائي امن بحال ڪرائڻ وارن حڪمن کي به پوليس ٿڏي ڇڏيو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس آءِ لياقت لاشاري جو چوڻ هو ته ٿاڻي جي عمارت زبون حال هجڻ ڪري رهي نٿو سگهان،  ٿاڻي تي صرف 3 عملدار آھن، مان ڇا ٿو ڪري سگهان. متاثرن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي ڪوتاهيءَ جو نوٽيس وٺي سخت ايڪشن کنيو وڃي.