نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان يوسي آگاڻي جي پارو ڀٽو، آگاڻي، ٽڳڙ سميت مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف آگاڻي لاڙي وٽ نئون ديرو_ لاڙڪاڻو روڊ تي رڪاوٽون رکي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  مور خان آگاڻي، محمد بخش شيخ، جميل آگاڻي، علي احمد، جيئند ڀيو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته   زمينن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري 2300 کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل زيتونن جا باغ، زمينون بنجر بڻيل آهن،  ان تي ڪا به پوکي نٿي ڪري سگهجي. انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.