نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پگھار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي انيل ڪمار، عبدالمجيد خانزاده، ستار عمراڻي، سليم لنڊ، نظام الدين ابڙو ۽ ٻين چيو ته ھڪ مھيني کان ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او مقرر ناھي ٿي سگھيو، جنھن ڪري ملازم پگهار کان محروم آهن، هنن چيو ته پگهار نه ملڻ سبب گھرن ۾ فاقا ڪشي جھڙي صورتحال آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن کي فوري طور پگھارون جاري ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.