رپڙي ڀرسان پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو

0
324
رپڙي ڀرسان پاڻي جي

رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان ڀٽي ۽ جتوئي برادرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن

ٻڌايو پيو وڃي تھ رپڙي ڀرسان پاڻي جي واري تان ڀٽي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب ھڪ نوجوان منٺار پٽ لطف الله جتوئي قتل ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس مارجي ويل نوجوان منٺار پٽ لطف الله جتوئي جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا

نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو،  مقتول جي گھر ۾ قھرام مچي ويو، خونريزي وڌڻ جو پڻ خدشو وڌي ويو آھي، جڏھن تھ واقعي خلاف ڌرڻو پڻ ھنيو ويو

ھي به پڙھندا

بدين: ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو