لاڙڪاڻي ۾ قھر جي گرمي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به شھري بي حال

0
280

لاڙڪاڻي ۾ قھر جي گرمي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ گرمي جي لهر ۾ شدت اچي وئي آهي، هن وقت تائين جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻي ۾ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ، سکر 44، فيصل آباد، سرگوڌا ۽ جھنگ ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ، حيدرآباد 41 ۽ پشاور ۽ ڪراچي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

ان کان علاوه لاهور ۾ پارو 39 ۽ اسلام آباد ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ ۾ گرمي جي لهر 16 مئي تائين جاري رهندي

چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته شهري صبح 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٻاهر نڪرڻ ۾ احتياط ڪن