سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس ايڪسائيز پوليس پنجاب جي رٽائرڊ ڊي ايس پي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر آفيس جي ترجمان موجب لاھور جو رھواسي رٽائرڊ ڊي ايس پي ايڪسائيز چوڌري امداد عورتاڻي آواز تي ھرکجي پنجاب کان سکر پھتو ته سکر پوليس جديد ٽيڪنالاجي تحت نمبر ٽريس ٿيڻ بعد ڄاڻايل شخص وٽ پهچي کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. رٽائرڊ ڊي ايس پي ايڪسائيز چوڌري امداد ٻڌايو ته هو عورتاڻي آواز تي هرکجي سکر پھتو هو. پوليس کيس اصل حقيقت کان آگاهه ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.