تهران (م ڊ) ايران ۾ مختلف واقعن ۾ اسڪول ويندڙ گهٽ ۾ گهٽ 650 شاگردياڻين کي زهر ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار پڻ اعتراف ڪيو آهي ته مُلڪ ۾ نياڻين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي. برطانوي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته  ايراني نياڻين لاءِ اسڪول جا رستا بند ڪرڻ لاءِ کين زهر ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 14 فيبروري تي ڪيئي بيمار شاگردياڻين جي گهرڀاتين اختيارين کان ٻارڙين جي بيمار ٿيڻ تي وضاحت طلب ڪئي هئي، پر ٻئي ڏينهن حڪومتي ترجمان علي بهادري چيو ته انٽيليجنس ايجنسيون ۽ اختياريون زهر ڏيڻ جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ايران جي صحت واري نائب وزير  وزير يونس پناهي به انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ اسڪول جي شاگردن کي زهر ڏنو پيو وڃي،  ڇو جو ڪجهه ماڻهو نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ چاهن ٿا. رپورٽس موجب ايران جي راڄڌاني تهران جي ڏاکڻي علائقي وقم ۾ گذريل سال نومبر کان اسڪول جي شاگردياڻين ۾ زهر سبب ساهه کڻڻ جي تڪليف جا سوين ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪيئي نياڻين کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، يونس پناهي واضح طور تي تصديق ڪئي آهي ته مُلڪ ۾ ڄاڻي واڻي نياڻين کي زهر ڏنو ويو هو. هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو چاهن پيا ته خاص طور تي نياڻين جا اسڪول بند ڪيا وڃن انڪري شاگردياڻين کي زهر ڏنو ويو. يونس پناهي معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته زهر ڏيڻ واري معاملي تي ڪنهن به شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ بابت ڪو واقعو رپورٽ ناهي ٿيو. رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردياڻين کي زهر ڏيڻ واري واقعي ۾ اڃا تائين ڪائي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.