سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو پوليس لياقت ساريو کي بازياب نه ڪرائي سگهي. وارثن نوجوان جي اغوا کي 10ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ھنـن وڌيڪ چيو ته ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي قمبر توهان سان ملڻ ٿو اچي، ايس ايس پي صاحب جو  انتظار ڪيو پر نه آيو. ھوڏانھن  ڊي ايس پي ميروخان ۽ ايس ايچ او سجاول جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي قمبر  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي وٽ ميٽنگ تي ويل هو، نوجوان جي جاچ ڪري  رھيا آهيون، جيو فينسنگ رپورٽ جي انتظار ۾ آهيون. موبائل ٽريسنگ جي رپورٽ ملي ته خبر پئجي ويندي.