باڊهه: پنهنجي تعارف ۾ مهاوير ايچ محمد ابڙو ٻڌايو ته منهنجو اصل نالو هوش محمد ابڙو آھي، پر ريسرچ ۾ مهاوير ايچ محمد آندو آھي، پنهنجي نالي اڳيان مهاوير ڳنڍڻ جو مقصد هزارن سالن جو لاڳاپو برقرار رکڻ آهي، پنهنجي ڳوٺ گابر مسڻ جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر جون ذميواريون نڀائي رهيو آھيان. هن ٻڌايو ته بنيادي طور منهنجي  گهر جو ماحول گهڻي ڀاڱي ادب سان سلهاڙيل رهيو آھي منهنجو چاچا آفتاب ابڙو پڻ ٻولي جو ماهر آھي. موهن جي دڙي سان ننڍپڻ کان وٺي گهري دلچسپي رهي آھي، موهن جي دڙي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آھي اها منهنجي خواهش هئي ته سنڌو تهذيب تي وسيع تحقيق ڪريان جيڪا عالمي ليول تي مڃتا ماڻي.