ڪوٽڙي (رپورٽر) پاڪستان ريلوي انتظاميا مالي بحران مان نڪرڻ  لاءِ ڪروڙين رپين جون زبون ٿيل بوگيون وڪرو ڪري ڇڏيون، ڪوٽڙي ريلوي يارڊ تي لاھور جي ٺيڪيدار ڪمپني پاران 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي 60 بوگين کي ڪٽي اسڪريپ جي صورت ۾ ٽرڪن ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ريلوي انتظاميا مالي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جون خراب ٿيل ۽ ناڪارا پيل بوگيون وڪرو ڪيون آهن،  ريلوي انتظاميه موجب ته مالي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ خراب ناڪارا ٿيل بوگيون وڪرو ڪيون ويون آھن، جنھن مان ملازمن جي پينشنس وغيره ان رقم مان ادا ڪئي ويندي.