ريتي (ن پ ا) ريتي پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليس مٿان واپاري نوجوان کي کنڀڻ ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جو الزام، انصاف جي اپيل. تفصيل موجب ريتي لڳ جھنگل ملڪ مان ٻه ڏينهن اڳ واپاري عبدالعزيز شر کي پوليس پاران مبينا کنڀي روڪ رقم ڦر ڪرڻ خلاف عبدالعزيز شر، الهداد شر ۽ غلام ياسين چانگ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ايس ايچ او ريتي ۽ وڏي منشي واپاري عبدالعزيز شر کي بنا جواز کنڀي کانئس 2 لک رپيا ڦر ڪري ورتا. بعد ۾ 20 هزار رپيا واپس ڪري خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي. پوري رقم واپس گهرڻ تي، ايس ايچ او ظهير ڀٽو ۽ وڏو منشي صديق لغاري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي گھوٽڪيءَ کي اپيل ڪئي ته ڦر ڪيل واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ايس ايچ او ريتيءَ جو چوڻ هو ته شڪ جي بنياد تي عبدالعزيز شر جي تلاشي ورتي، هاڻي هو ضد ۾ پوليس تي ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي.