عمرڪوٽ (رپورٽر) پي ٽي آءِ عمرڪوٽ پاران مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، گرفتار سينيئر اڳواڻن سان اظهار يڪجهتي ۽ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، ليکراج مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي لال مالھي ۽ ٻين چيو ته شاھ محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، پي ڊي ايم اي وارا مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آھن، عوام ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب بيحال بڻجي ويو آهي، ڌرڻي ۾ غوثيا جماعت جي ماڻهن جو وڏو تعداد پڻ شريڪ ٿيو.