روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي لوڪوشيڊ ڪالوني جو رهواسي 14 سال جو نينگر محمد عاشر قريشي ٻه ڏينهن اڳ سنڌو درياءَ ۾ روهڙي بندر وال وٽان تڙ ڪندي ٻڏي ويو هو، لاش ساڳي جاءِ تان ھٿ اچي ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام متل آهي، وارثن پاران پاڙي جي نوجوان تي ٻوڙي مارڻ جو الزام ھنيو آهي نينگر جي پيءُ محمد شريف قريشي جو چوڻ آهي ته پاڙي جا نوجوان زھيب ملڪ ۽ آفتاب ملڪ اسان جي نينگر کي زوري تڙ ڪرڻ لاءِ وٺي ويا ھئا نينگر جي گم ٿيل کان پوءِ پاڙي جي نوجوانن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته ھنن ڪجهه به نه ٻڌايو جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس جي جاچ بعد گرفتار جوابدار نينگر جا ڪپڙا قبرستان مان کڻي ڏنا ۽ ان جي نشاندهي تي ساڳي جاءِ تان پاڻي مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نينگر کي ٻوڙي ماريو ويو آهي واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي،