ٺري ميرواھ (ن پ ا )ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم شاھ ۾ باک ڦٽيءَ جوابدار قطب عرف غازي جوڳي پنهنجي 24 ورهين جي نياڻي سيما زال عبدالرزاق جوڳي کي مٿي ۽ ڄنگهن تي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال کڻائي پهتي، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا جي امڙ امام زادي پاران مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار تي سرڪار جي فرياد تي مقتول ناري جي پيءُ قطب عرف غازي جوڳي ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف سيما جوڳي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. امڙ امام زادي ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ نياڻي جي شادي ڳوٺ باغ بچراھ واسي عبدالرزاق جوڳي سان ٿي هئي، جتان ڌيءُ مڙس سان ڪاوڙجي ڪجهه ڏينهن کان اسان وٽ رهيل هئي، صبح باک ڦٽي غازي جوڳي کٽ تي سُتل نياڻي کي مٿي ۾ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.پوليس ڳوٺ قائم شاھ ۾ جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف گهرن ۾ ڇاپا هنيا پر هٿ نه اچي سگهيو، پوليس موجب جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پنهنجي ڌيءُ سيما جوڳي کي قتل ڪندڙ جوابدار قطب عرف غازي جوڳي پنهنجي نياڻي عبدلرزاق جوڳي کي ڦاسائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو پر مقتول سيما جوڳي جي امڙ پاران قتل واقعي بعد مڙس جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ رڙيون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو جڏھن ته ان سلسلي ۾ ميرواھ پوليس جي وڏي منشي گل حسن سوڍڙو ٻڌايو ته ابتدائي جاچ موجب جوابدار پنهنجي ڌيءُ کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي ويندي جڏھن ته 2015 ۾ به جوابدار مخالفن مٿان ڌيءُ سان لڄالٽ ڪرڻ جو مخالفن مٿان ڪيس داخل ڪرايو هيو جيڪو بعد ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو هيو